حاصل النهج

حاصل النهج

حاصل النهج 1

حاصل النهج (ڪتاب): هي ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جو لکيل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو آهي. هي ڪتاب تعليم جي اصولن تي مشتمل آهي ۽ اڄ کان 458 سال پهرين هي ڪتاب لکيو ويو. مخدوم جعفر اصول تعليم تي هڪ عربي ڪتاب ’نهج التعلم‘ جي نالي سان لکي ان جو خلاصو فارسيءَ ۾ ’حاصل النهج‘ جي نالي سان لکيو.
’نهج التعلم‘ جو ڪو به قلمي نسخو نٿو ملي. ڪتاب ۾ مقدمي کانسواءِ مصنف 19 باب اصول علم تي لکيا آهن. فارسي ٻوليءَ ۾ 75 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز ۾ هي ناياب ڪتاب ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ اداري طرفان 2013ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي جنهن جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو